1:53
تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ
”جيڪو پيغام اسان خدا جي انهيءَ ٻانهي بابت ٿي ڏنو،
تنهن تي ڪير يقين ڪري ٿي سگھيو؟
ڪير انهيءَ ۾ خداوند جي زور واري طاقت کي
سمجھي ٿي سگھيو؟
2پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ
سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر
مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري.
سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي،
۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون.
منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي،
جو اسين سندس مشتاق بڻجون.
3هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو.
هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي،
جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو.
هن کي ڌڪاريو ويو،
۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.
4
يقيناً هن اسان جا ڏک سٺا،
۽ اسان جا غم پاڻ تي کنيا.
پر اسان هن جي تڪليفن کي
خدا جي طرفان مليل سزا سمجھيو.
5
جڏهن تہ هو اسان جي ئي گناهن جي ڪري زخمي ڪيو ويو،
۽ اسان جي ئي بڇڙاين جي ڪري چٿيو ويو.
اسان جي سلامتيءَ لاءِ هن تي سزا آئي،
۽ هن جي ئي مار کائڻ سان اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿياسين.
6
اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون،
جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن.
اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي.
پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي،
جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.
7
هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو،
۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين.
هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان،
يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي،
تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.
8هن کي گرفتار ڪيو ويو،
۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو.
هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي.
کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو.
هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو.
9
جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو،
۽ نہ وري سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي هئي،
تنهن هوندي بہ کيس بدڪارن سان گڏ دفنايو ويو،
۽ دولتمندن سان گڏ قبر ۾ رکيو ويو.“
10
خداوند فرمائي ٿو تہ
”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي،
بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو.
سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو.
هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.
11هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو.
هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو،
سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو،
۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو.
هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.
12
جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي،
تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس.
ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو،
جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا،
۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.