معلوم

سبق 22

ڇوٽڪارو: خيرات، دعا ۽ روزي بابت تعليم

متي 1:6-34

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

رياڪاريءَ خلاف تنبيهہ

1:6 ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.

(خيرات ۾)

2تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت‌خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي. 3جڏهن اوهين خيرات ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها خبر نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري، 4تہ جيئن اوهان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو.“

(دعا ۾)

5 ”جڏهن اوهين دعا گھرو تڏهن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اهي عبادت‌خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي دعا گھرندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 6پر جڏهن اوهين دعا گھرو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو.

7اوهين پنهنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير ايمان وارا ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو. 8سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پيءُ اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي. 9تہ پوءِ هن ريت دعا گھرو تہ

  ’اي اسان جا بابا! تون جيڪو آسمان تي آهين،
  شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،
  10۽ تنهنجي بادشاهي اچي.
  تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿئي ٿي،
  تيئن زمين تي بہ ٿئي.
  11اسان جي روزانو واري ماني اڄ اسان کي ڏي.
  12اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر،
  جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.
  13اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي،
  پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘

14 سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو. 15پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.“

(روزي ۾)

16”جڏهن اوهين روزو رکو تہ رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي. 17پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، 18تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پيءُ جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي روزيدار سمجھي. تڏهن اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي اجر ڏيندو.“

خدا جي ئي طلب ۾ رهو

(عرش عظيم ۾ خزانو گڏ ڪرڻ)

19 ”اوهين هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا. 20بلڪ پنهنجو خزانو عرش عظيم ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا، 21ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ اوهان جي دل بہ اتي ئي هوندي.“

(خدا ڏانهن نظر رکڻ)

22”اکيون بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن. سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر روشني هوندي. 23پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“

(خدا ۽ دولت جي هڪ ئي وقت غلامي ٿي نہ ٿي سگھي)

24”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.

25تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟ 26پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟ 27ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟

28اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. 29 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو. 30ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي! 31سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘ 32غير ايمان وارا انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن. 33پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. 34سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000