معلوم

سبق 26

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جي دغا سان پڪڙائڻ

يوحنا 1:18-16:19

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

1:18جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو. 2يهوداہ دغاباز کي انهيءَ هنڌ جي خبر هئي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ ڪيترائي دفعا پنهنجي شاگردن سان گڏ اوڏانهن ويو هو. 3سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا. 4عيسيٰ پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ 5انهن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنهن تي هن چين تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان.“ يهوداہ دغاباز بہ انهن سان گڏ بيٺو هو. 6جيئن ئي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا. 7تڏهن عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ 8تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”مون اوهان کي ٻڌايو تہ آهي تہ اهو آءٌ آهيان. سو جيڪڏهن اوهين مون کي ڳولي رهيا آهيو تہ پوءِ هنن ماڻهن کي ڇڏيو تہ وڃن.“ 9 هن اهو انهيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو هئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي بابا! تو جيڪي مون کي ڏنا هئا تن مان مون ڪنهن هڪ کي بہ نہ وڃايو آهي.“

10ان وقت شمعون پطرس وٽ تلوار هئي، سو هن اها ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انهيءَ نوڪر جو نالو ملخُس هو. 11 تنهن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“

12تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون. 13اهي پهريائين کيس يروشلم ۾ حَنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انهيءَ سال جي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا جو سهرو هو. 14 هي اهو ڪائفا هو، جنهن يهودي اڳواڻن کي اها صلاح ڏني هئي تہ اهو بهتر ٿيندو جو هڪ ماڻهو سڄيءَ قوم لاءِ مري.

پطرس جو عيسيٰ مسيح کي سڃاڻڻ کان انڪار

15شمعون پطرس هڪڙي ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو عيسيٰ سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو. 16پر پطرس دروازي جي ٻاهران ئي بيٺو رهيو. تنهنڪري اهو ٻيو شاگرد جنهن جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي سو موٽي ٻاهر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو. 17تڏهن دربان ڇوڪريءَ پطرس کان پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي شاگردن مان نہ آهين؟“ تنهن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“

18انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

وڏي سردار ڪاهن جي عيسيٰ کان پڇا ڳاڇا

19هوڏانهن وڏو سردار ڪاهن عيسيٰ کان سندس شاگردن ۽ تعليم بابت پڇڻ لڳو. 20عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي. 21پوءِ اوهين مون کان ڇو پڇي رهيا آهيو؟ انهن ماڻهن کان پڇو جن منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. انهن کي خبر آهي تہ مون ڇا چيو آهي.“ 22جڏهن عيسيٰ هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“ 23تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهہ ڪئي هجي تہ اها سڀني جي اڳيان ٻڌاءِ. پر جيڪڏهن مون سچ چيو آهي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“ 24پوءِ حَنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا ڏانهن ڏياري موڪليو.

پطرس جو عيسيٰ کي سڃاڻڻ کان وري انڪار

25شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي شاگردن مان نہ آهين؟“ پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“ 26تنهن تي وڏي سردار ڪاهن جي هڪڙي نوڪر جنهن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو هو، تنهن چيو تہ ”ڇا مون تو کي هُن ماڻهوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو هو؟“ 27پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

عيسيٰ مسيح پلاطس جي اڳيان

28ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن. 29سو پلاطس ٻاهر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا هڻو؟“ 30تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”جيڪڏهن هي ڏوهاري نہ هجي ها تہ اسين کيس اوهان جي حوالي نہ ڪريون ها.“ 31پلاطس کين چيو تہ ”اوهين پاڻ هن کي وٺي وڃي پنهنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يهودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“ 32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي. 33تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ عيسيٰ کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ 34عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون بابت هي سوال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي اوهان کي چيو آهي يا اوهين پاڻ ٿا ڪريو؟“ 35پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“ 36عيسيٰ وراڻيو تہ ”منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي. جيڪڏهن اها هن دنيا جي هجي ها تہ جيڪر منهنجا خدمتگار منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي.“ 37تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“ 38تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“

عيسيٰ مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم

پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. 39هاڻ جيئن تہ اوهان جي رسم موجب هر سال عيد فصح جي موقعي تي آءٌ اوهان جي خاطر هڪڙو قيدي آزاد ڪندو آهيان، سو جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ اوهان جي خاطر هن يهودين جي بادشاهہ کي آزاد ڪريان؟“ 40پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو.

1:19تڏهن پلاطس عيسيٰ کي ڪوڙا هڻايا. 2سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي عيسيٰ جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون. 3پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون.

4 پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5پوءِ عيسيٰ انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“ 6جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي صليب تي چاڙهيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 7تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جو فرزند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“

8جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس. 9تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙهيان.“ 11عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“

12تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“ 13جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو عيسيٰ کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

14اهو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو بادشاهہ.“ 15پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“ 16تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو.

عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهڻ

تڏهن سپاهي عيسيٰ کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا.

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000