معلوم

سبق 8

ڇوٽڪارو: حضرت موسيٰ جي معرفت مليل ڏھ حڪم

خروج 1:20-21

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

1:20پوءِ خدا هي سڀ ڳالهيون فرمايون تہ 2”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.

3مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.

4 اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي. 5 اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان. 6پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.

7 اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.

8 اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 9 ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو. 10پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو. 11 مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.

12 اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.

13 اوهين خون نہ ڪريو.

14 اوهين زنا نہ ڪريو.

15 اوهين چوري نہ ڪريو.

16 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.

17 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي گھر جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس زال جي لالچ ڪريو، نڪي سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.“

ماڻهن جو ڊڄڻ

18 پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ ۽ نفيل جو آواز ٻڌو ۽ وڄ ۽ جبل تان دونهون اٿندي ڏٺو، تڏهن خوف کان ڏڪي ويا ۽ پري وڃي بيٺا. 19هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“ 20موسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڊڄو نہ، خدا اوهان جي رڳو آزمائش وٺڻ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس خوف رکندي گناهہ نہ ڪريو.“ 21پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.

قربان‌گاهہ بابت قانون

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000