معلوم

سبق 2

مسيح جي پوئلڳ هئڻ جي قيمت

لوقا 25:14-33

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

25:14هڪڙي دفعي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي هليو. هن ڦري ماڻهن کي چيو تہ 26 ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو. 27 جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي سو منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.

28فرض ڪريو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو منارو ٺهرائڻ چاهي ٿو تہ اهو پهريائين ويهي ان جي خرچ جو اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ وٽس ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پئسو آهي يا نہ؟ 29متان ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙهہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي، تڏهن ڏسندڙ مٿس ٺٺوليون ڪن ۽ چون تہ 30’هن ماڻهوءَ اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘

31يا اهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن بادشاهہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پهريائين ويهي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منهنجو هي ڏهن هزارن جو لشڪر، انهن ويهہ هزار چڙهائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘ 32ٻيءَ صورت ۾ ڪاهہ ڪندڙ اڃا پري ئي هوندو تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس.

33سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“

بي‌سوادو لوڻ

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000