
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
15:14”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا. 16آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو. 17اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.
18آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس. 19ٿوري وقت کان پوءِ دنيا مون کي وري نہ ڏسندي، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ زندہ آهيان تنهنڪري اوهين بہ زندہ هوندا. 20جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.
21جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000