معلوم

سبق 3

اُميد سڀ ڪجھ بدلائي ڇڏي ٿي

لوقا 1:19-10

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

1:19عيسيٰ يريحو شهر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رهيو هو. 2اتي زڪئي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاهوڪار بہ هو. 3هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو. 4تنهنڪري هو اڳڀرو ڊوڙي وڃي هڪڙي انجير جي وڻ تي چڙهي ويٺو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ انهيءَ رستي تان لنگھڻو هو. 5جڏهن عيسيٰ انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“ 6تنهن تي هو جلدي هيٺ لهي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنهنجي گھر وٺي ويو. 7اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“ 8گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“ 9عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين. 10 ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“

سونن سڪن جو مثال

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000