معلوم

سبق 14

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جي آزمائش

متي 1:4-11

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

1:4 پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي رڻ‌پٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن ابليس کيس آزمائي. 2جيئن تہ عيسيٰ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزي ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي. 3سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“ 4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“

5پوءِ ابليس عيسيٰ کي پاڪ شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري 6 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ

  ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو،
  اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا،
  تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“

7 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“

8ابليس عيسيٰ کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس 9۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“ 10 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

11پوءِ ابليس هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم ملائڪ اچي پهتا ۽ عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لڳا.

عيسيٰ مسيح جو گليل ۾ خدمت وارو ڪم شروع ڪرڻ

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000