معلوم

سبق 15

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جو طوفان کي بند ڪرڻ

مرقس 35:4-41

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

35:4انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هُن ڀر هلون.“ 36پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون. 37اوچتو ئي هڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اهڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي. 38عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“ 39تنهن تي عيسيٰ اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. 40پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آهي؟“ 41پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000